SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پرڏيهي نيتي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پرڏيهي نيتي

Foreign Policy

فارين پاليسي

سرڪاري سطح تي ٿيندڙ سرگرمي ، جنهن ۾ هڪ رياست عمل، ردعمل ۽ باهمي عمل ڪري ٿي. ’پرڏيهي نيتيءَ‘ ذريعي ڪابه رياست پنهنجن ڪجهه خاص ترجيحن ، معيارن ، مقصدن ، فيصلن ۽ عملن جو ڳانڍاپو رياست کان ٻاهرين ڌرين يا بين الاقوامي سماج سان رکي ٿي . عام طرح بين الاقوامي ماحول تائين پهچ علائقائي حوالي سان ڪئي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي ناتن جو تعلق علائقائي مفادن سان واڳيل ٿئي ٿو. ان کان سواءِ حڪومتي ڪاروهنوار ذريعي ٻين قومن جي رويي ۾ هاڪاري روين کي سگهارو ڪرڻ ۽ ٻاهرين سهائتا ذريعي قومي ترجيحن کي ڪاميابي به ان سرگرميءَ هيٺ ممڪن بڻبي آهي. پرڏيهي پاليسيءَ جا خاص مقصد هيٺيان آهن:
* ڪنهن به ملڪ جي وسيلن کي ملڪي سلامتي ۽ قومي مُفادن جي حصول لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ان حوالي سان بنيادي اصولن ۽ دائرن جي سرڪاري سطح تي جوڙجڪ ڪرڻ.
* دنيا جي ٻين قومن/رياستن/ادارن سان رابطا رکي گڏيل سهڪار وڌائڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ شهرين جي حفاظت ڪرڻ.
*ملڪي معاشي مفادن جي حفاظت ۽ وڌاءَ لاءَ پتوڙڻ ۽ ان سلسلي ۾ معاهدن ذريعي مستقل حل ڳولڻ.رياستي اثر کي وڌائڻ ۽ بين الاقوامي برادريءَ ۾ بهتر مرتبو ماڻڻ. جيئن ته پرڏيهي نيتيءَ ذريعي ڪنهن به حڪومت ۽ رياست کي ٻين رياستن ، غير رياستي عنصرن ۽ ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻو پوي ٿو، تنهنڪري اهي پاليسيون گهڻو ڪري لاڳاپيل سرڪارون اعليٰ سطحي ادارن ذريعي جوڙين ٿيون . خاص طور قانون ساز ادارا ، ڪابينا، حڪومت جو سربراهه ۽ پرڏيهي کاتي جو وزير سندس ماتحت ڪامورا پرڏيهي پاليسيءَ کي ترتيب ڏيڻ جي سلسلي ۾ بُنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جي سگهاري هئڻ جو دارومدار اُن جي اندروني سگهه جي ذريعن، مثال طور: سياسي توڙي معاشي نظام ، حاصل ٿيل ترقي، پکيڙ، وسيلن، علائقي، آبهوا ،ثقافتي ۽ تاريخي ورثي ، ٽيڪنالاجي ، فوجي طاقت ، قومي صلاحيت ، سماجي تاڃي پيٽي ، عوامي رويي ، ميڊيا جي ڪردار، سياسي احتساب ۽ قومي قيادت جي صلاحيتن تي ٻڌل هوندو آهي . جڏهن ته ٻاهرين سگهه ۾ عالمي طاقتي سرشتو ، بين الاقوامي تنظيمون ۽ قانون ، ٻين رياستن جو رويو ، ٻين ملڪن سان ٿيندڙ اتحاد ، عالمي غير سرڪاري ادارن سان رابطو ۽ عالمي عوامي راءِ وغيره تي ٻڌل هوندو آهي. هونئن ته پرڏيهي پاليسي قديم دور کان وٺي جڙندي رهي آهي ، پر خاص طرح هيءُ اصطلاح سترهين صديءَ کان وٺي عالمي سياست ۾ زور شور سان استعمال ٿي رهيو آهي . ويهين صدي عيسويءَ ۾ لڳل عالمي جنگن کان پوءِ هن سلسلي ۾ تمام گهڻيون اڳڀرائيون ٿيون


Remember Me Also:

رفت انگيز

ذ. صفت. [ع. رقت + انگيز < انگيختن = کڙو ڪرڻ] دکدائڪ ، ڏک جهڙو ، افسوسناڪ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal